ڇاپا جاري، هڪ لک 65 هزار افغاني واپس وطن روانا

ڪراچي(نيوز ايجنسيون) غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين جي ديڊ لائين ختم ٿيڻ بعد ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پوليس ۽ سيڪورٽي ادارن جا ڇاپا جاري آهي. غير قانوني ترسيل پرڏيهين کي پڪڙي هولڊنگ سينٽرز تي پهچايو پيو وڃي. پاڪستاني اختيارين جي حوالي سان فرانسيسي نيوز ايجنسي (اي ايف پي) رپورٽ ڪيو آهي ته غير قانوني طور ترسيل افغانين ۽ ٻين غير ملڪين جي واپسي جاري آهي. هن وقت تائين هڪ لک 65 هزار افغاني واپس وطن روانا ٿي ويا آهن. ڪي پي جي گهرو کاتي جي انگن اکرن موجب هيستائين طورخم تان هڪ لک 29 هزار افغاني واپس ويا آهن. جڏهن ته چمن بارڊر تان 38 هزار 100 افغاني پنهنجي وطن وڃي چڪا آهن. هزارن جي تعداد ۾ افغان شهري چمن، طورخم ۽ غلام پاس پهچي رهيا آهن. پاڪستان ۾ گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان 40 لک کان مٿي افغاني پاڪستان ۾ رهن پيا، جن مان 17 لک کان مٿي غير قانوني طور رهندڙ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو