چيئرمين نيب جي تقرري خلاف درخواست جي ٻڌڻي لاءِ فل بينچ قائم

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سردار محمد شميم خان نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي تقرري کي غير قانوني قرار ڏئي سندس ڪيل فيصلن کي رد ڪرڻ بابت داخل درخواست جي سماعت لاءِ فل بينچ جوڙي ڇڏي آهي. جسٽس قاسم خان، جسٽس ملڪ شهزاد ۽ جسٽس امجد جاويد تي مشتمل بينچ ان جي سماعت ڪندي. درخواست گذار ايڊووڪيٽ اي ڪي ڊوگر چيو آهي ته سندس تقرري غير آئيني ۽ غير قانوني آهي، کيس هٽايو وڃي ۽ بطور چيئرمين نيب ڪيل سڀ فيصلا رد ڪيا وڃن. درخواست گذار عدالت ۾ نواز شريف جي آزاداي ۽ ضمانت لاءِ به درخواستون داخل ڪيون هيون، جن مان جسٽس قاسم خان نواز شريف جي آزادي جي درخواست اهو چئي رد ڪئي ته سندس ضمانت جي درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سماعت هيٺ آهي. جڏهن ته عدالت ضمانت وزري درخواست تي نيب کان جواب طلب ڪري ورتو ۽ چيئرمين نيب خلاف ڪيس جي سماعت وارو معاملو چيف جسٽس کي ريفر ڪيو هو جنهن تي چيف جسٽس فل بينچ ٺاهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو