چونڊ سڌارن تي احسن اقبال ۽ فواد چوڌري آمهون سامهون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چونڊ اصلاحن جي معاملي تي مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ احسن اقبال ۽ اطلاعات وارو وفاقي وزير فواد چوڌري آمهون سامهون ٿي ويا.نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي ليگي اڳواڻ احسن اقبال چيو ته چونڊ اصلاحن جي حوالي سان اسان کي حڪومت تي  يقين نه آهي. حڪومت پنهنجون اصلاحون اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي پوءِ  ڪميشن  سمورين پارٽين کي راءِ ڏيڻ جي لاءِ گهرائي ان کان پوءِ ئي اتفاق  راءِ ٿيندو.ڳالهين دوران احسن اقبال طرفان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي هيڪنگ جي خدشن جو اظهار به ڪيو ويو. ٻئي پاسي احسن اقبال جي بيان تي وفاقي وزير فواد چوڌري رد عمل جو اظهار ڪندي چيو ته قانون سازي پارليامينٽ جو ڪم آهي اليڪشن ڪميشن جو ڪم نه آهي.فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته احسن اقبال جا اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي  خدشا صحيح نه آهن هن کي ان حوالي سان صحيح چاڻ نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو