چونڊن ۾ دير وفاق جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي:رباني

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته چونڊن ۾ دير وفاق جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندي.سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ڪوٺايل اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پيپلز پارٽي جي سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل طرفان نئين مردم شماري تحت چونڊن کان پوءِ ڪو چئي رهيو آهي ته چونڊون 6 مهينن جي لاءِ ملتوي ٿينديون ۽ ڪو چئي رهيو آهي ته چونڊون 7 مهينن جي لاءِ ملتوي ٿينديون.رضا رباني چيو ته اليڪشن ڪميشن خاموشي جو روزو ٽوڙي ۽ سامهون اچي ٻڌائي ته تڪ بندين ۾ ڪيترو وقت لڳندو؟ چونڊن ۾ دير وفاق جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندي.هن چيو ته آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ ۾ ترميم ڇو ضروري هئي؟ اهو ڇو نه ٻڌايو ويو. پبلڪ آرڊر کي شامل ڪرڻ سان آفيشل سيڪرٽ ايڪ جو اسڪوپ تمام گهڻو وڌي ويندو. آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ ترميمي بل تي ٻيهر غور ڪيو ويندو.سينيٽر رضا رباني چيو ته آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ ترميمي بل کي تازو ئي پاس ڪيل آرمي ايڪٽ سان ملائي پڙهي وٺو. ٻنهي ايڪٽ کي ملائي ڏٺو ويندو ته جيڪا فيڪٽري کير يا بسڪيٽ تيار ڪري رهي آهي ان کي به ڇوٽ حاصل هوندي.هن چيو ته اهڙي ترميم ۾ ملٽري جي تعليمي ادارن کي به پابندي مڙهيل علائقو قرار ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو