چونڊن کان اڳ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ جو امڪان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.رپورٽ موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاڳيتو گهٽتائي کان پوءِ هن ڀيري نگران حڪومت طرفان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.رپورٽ موجب نگران حڪومت طرفان 31 جنوي کان 15 فيبروري تائين جي لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 7 روپيه في ليٽر تائين واڌ ڪري سگهجي ٿي پر ان بابت حتمي فيصلو آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) جي تجويز کان پوءِ ڪيو ويندو. جيڪڏهن پيٽروليم شين جي قيمت ۾ واڌ ٿي وڃي ٿي ته اها پهرين نومبر 2023 کان پوءِ پهريون اضافو هوندو.پيٽروليم شين تي نظر رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته هن ڀيري صورتحال مختلف هوندي ڇو ته گذريل هڪ هفتي جي دوران وچ اوڀر ۾ حوثي باغين جي بحره احمر ۾ بحري جهازن تي حملن سبب تيل جي قيمت ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت ۾ واڌ جو اثر پاڪستان ۾ به پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن تي به پوندو.عالمي مارڪيٽ ۾ گذريل هڪ هفتي دوران پيٽرول جي قيمت 83 ڊالر مان وڌي 89 ڊالر تائين پهچي وئي آهي. جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت به 93 ڊالر مان وڌي 97 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي. ڪروڊ آئل به 76 ڊالر مان وڌي 80 ڊالر في بيرل ٿي ويو آهي. ماهرين جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ آمريڪي ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جي مستحڪم هجڻ سبب پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ گهٽ واڌ جو امڪان آهي. ٻئي صورت ۾ ٻين پيٽروليم شين جي قيمت ۾ وڌيڪ واڌ ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو