چونڊن لاءِ سنڌ جو عوامي منشور

نصير ميمڻ
سياسي پارٽين جون ٽي اهم سڃاڻپون منشور، جهنڊو ۽ نعرو هونديون آهن. انهن ۾ منشور اهم ترين دستاويز هوندو آهي، ڇو ته ان جي آڌار ئي پارٽي پنهنجو پروگرام جوڙيندي آهي. منشور دراصل پارٽين جو عوام سان معاهدو هوندو آهي، جنهن جي بنياد تي عوام پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندو آهي يا ان جي حمايت ڪندو آهي. اليڪشن جي موقعي تي اهو منشور ايندڙ پنجن ورهين لاءِ پارٽيءَ جو عوام سان واعدي جي شڪل اختيار ڪندو آهي. بدقسمتي سان پاڪستان جهڙن ملڪن ۾ پارٽين ۽ عوام جو ناتو منشور يا پروگرام کان وڌيڪ شخصي عقيدت، وفاداري ۽ مجبوريءَ تي ٻڌل هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو پارٽين جي قيادت، اميدوار ۽ عوام منشور بابت ڪو خاص پڇاڻو ناهن ڪندا. تنهن هوندي به پارٽيون چونڊن کان اڳ پنهنجي منشور جو اعلان ڪنديون آهن، جنهن جي پنهنجي اهميت هوندي آهي.
سنڌ جو عوام به ڏهاڪن کان ووٽ وقت گذريل منشور تي عمل يا نئين منشور بابت شايد ئي ڪو پڇاڻو ڪندو آهي. هن وقت اميدوارن ۽ پارٽي اڳواڻن پاران عوامي رابطي مهم هلي رهي آهي ۽ سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن کي مقامي مسئلن سان گڏ سنڌ جي اجتماعي معاملن بابت به پارٽين ۽ اڳواڻن کان ضرور پڇاڻو ڪرڻ گهرجي. مان هتي سنڌ جي اهم اجتماعي مسئلن بابت ڪجهه نڪتا تجويز ڪريان ٿو، جن بابت پارٽين ۽ اليڪشني اميدوارن کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي. کانئن مطالبو ڪجي ته انهن مسئلن بابت جلسن، تقريرن ۽ پمفليٽن ۾ پنهنجي پوزيشن عوام اڳيان چٽي ڪن. انهن نڪتن ۾ بهتري ۽ واڌاري جي گنجائش موجود آهي.

طرزِ حڪمراني، انساني حق ۽ قانون جي حڪمراني

(1) سنڌ جي جاگرافيائي وحدت هر لحاظ کان مٿانهين آهي، تنهنڪري سنڌ جي ورهاڱي جي هر شڪل کي رد ڪيو وڃي ۽ اهڙا مطالبا ڪندڙن سان ڪوبه سياسي تعلق نه رکيو وڃي.

(2) ٻين صوبن مان ايندڙ آبادي سنڌ جي ڊيموگرافي ۽ وسيلن لاءِ وڏو بار بڻجي چڪي آهي. اها صورتحال ڪنهن به ٻئي صوبي ۾ نه آهي. تنهنڪري سنڌ ۾ ٻاهرين آبادي جي آمد ۽ روزگار بابت ضروري قانوني سازي ڪئي وڃي.

(3) سال 2022ع ۾ ٿيل آدم ڳڻپ سنڌ سان هڪ فراڊ هئي، جنهن کي رد ڪيو وڃي.

(4) سنڌ ۾ مذهبي ۽ فرقيواراڻي انتها پسندي، قبائلي دهشتگردي ۽ ڌاڙيل گردي خلاف سخت انتظامي ڪارروائي ڪري ان کي پاڙئون پٽيو وڃي.

(5) سنڌ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ فردن هٿان انساني حقن جي ڀڃڪڙين جهڙوڪ: ناٽڪي مقابلن ۾ قتل، سياسي ۽ سماجي ورڪرن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ مارڻ، مذهبي ٿوراين جي عباتگاهن جي توهين، سندن نينگرين کي اغوا ڪري جبري طور مذهب مٽائي شاديون ڪرڻ جهڙن سنگين ڏوهن کي ٻنجو ڏنو وڃي. ان ڏس ۾ قانوني ۽ انتظامي اپاءَ وٺي انهن زيادتين کي روڪيو وڃي.

(6) ڌاڙيل گردي وارن علائقن ۾ ڏوهارين خلاف فيصلائتو آپريشن ڪيو وڃي. ڌاڙيلن جي سرپرستن، جرڳائي سردارن ۽ سندن ساٿاري پوليس عملدارن خلاف سخت قدم کنيو وڃي. انهن علائقن لاءِ خصوصي ترقياتي پئڪيج وسيلي، اتي انفرااسٽرڪچر، ڪاروبار ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن.

(7) سنڌ ۾ مٿي کان هيٺ تائين هلندڙ ڪرپشن جي سلسلي صوبي ۾ اهليت ۽ قابليت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي. ساڳئي ڪارڻ صوبي اندر عوامي ترقي جو عمل به برباد ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ مقررين، بدلين ۽ ترقياتي ڪمن جي نظرداريءَ لاءِ هڪ آزاد ڪميشن قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ پارلياماني پارٽين جا عيوضي، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ جج، سول سوسائٽيءَ جا ساکائتا فرد شامل هجن.

(8) سنڌ ۾ غير قانوني سڃاڻپ ڪارڊ، ڊوميسائل ۽ ٻيا دستاويز ٺاهيندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪري ان سلسلي کي ٻنجو ڏنو وڃي.

عورتن جا حق:

(1) عورتن خلاف ٿيندڙ سنگين ڏوهن جهڙوڪ: ڪارو ڪاري، بيدرديءَ سان ٿيندڙ قتل، گهريلو تشدد ۽ ننڍي عمر ۾ شادين جي واقعن کي روڪڻ لاءِ موجود قانونن جو سگهاري نموني استعمال ڪيو وڃي. عورتن جي حقن لاءِ خاص عدالتون يا بئنچز قائم ڪجن، جن ۾ عورت ججز ۽ وڪيلن کي اوليت ڏني وڃي. عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن کي عورتن خلاف ٿيندڙ ڏوهن کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ وسيلا ۽ اختيار فراهم ڪيا وڃن.

(2) عورتن جي معاشي پاڻڀرائي ۽ ترقيءَ لاءِ خصوصي تعليمي، مالي ۽ معاشي موقعن جو پئڪيج جوڙيو وڃي. ان ۾ اسڪالرشپس، رعايتي قرض ۽ گرانٽس، ٽرانسپورٽ وغيره کي شامل ڪيو وڃي.

(3) ڇوڪرين ۽ عورتن کي اعليٰ تعليم لاءِ خصوصي وظيفا ۽ ڪاروبارن لاءِ بنا وياج قرض فراهم ڪرڻ جي رٿا جوڙي عمل هيٺ آندي وڃي.

معاشي ترقي:

(1) صوبي کي معاشي ترقيءَ لاءِ ڊگهي مدي جو پروگرام ڏنو وڃي، جنهن ۾ ضلعي هيڊڪوارٽرز ۾ صنعتي زونز، زرعي ترقي ۽ انفرااسٽرڪچر کي شامل ڪيو وڃي.

(2) هر سال ٻه لک نوجوانن کي فني سکيا ۽ ڪاروبارن لاءِ قرض ڏيڻ خاطر هڪ سئو ارب رپين جو خاص پئڪيج جوڙيو وڃي. لکين نوجوان روزگار لاءِ ڌڪا کائڻ بجاءِ ڪاروبارن وسيلي پنهنجن پيرن تي بيهارجن.

(3) سنڌ جي زمين وفاقي ادارن ۽ بلڊرن حوالي ڪرڻ بجاءِ مقامي بي زمين هارين ۽ سيڙپڪارن کي خاص شرطن هيٺ ڏني وڃي ته جيئن سنڌ جي زمين مقامي آبادي جي فائدي وٽان استعمال ٿي سگهي. سنڌ جي زمين ڪنهن به اهڙي سيڙپڪاري لاءِ نه ڏني وڃي، جنهن ۾ 50 سيڪڙي کان وڌيڪ شيئرز سنڌ سرڪار جا نه هجن.

(4) سنڌ جا معدني وسيلا سنڌ جي ملڪيت آهن. انهن جي ليز ۽ ٻين معاهدن بابت خانگي شعبي يا وفاقي حڪومت سان ٿيندڙ سمورا معاهدا عوام اڳيان پڌرا ٿيڻ گهرجن. معدني وسيلا کليل چٽاڀيٽيءَ وسيلي ۽ مارڪيٽ جي اگهن تي ڏنا وڃن. ان ۾ ماحولياتي طور حساس ماڳن کي الڳ رکيو وڃي ۽ ان رٿا ۾ مقامي آباديءَ کي اوليت ڏني وڃي.

تعليم، ٽيڪنالاجي ۽ هنري سکيا:

(1) سنڌ ۾ سٺ لکن جي لڳ ڀڳ ٻار اسڪول کان ٻاهر ٻڌايا وڃن ٿا. انهن ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻ لاءِ رٿابندي ڪئي وڃي. ڪميونٽيءَ جي ڀائيواريءَ سان سستا ۽ معياري اسڪول قائم ڪري خواندگيءَ کي سئو سيڪڙو ڪرڻ لاءِ ڊگهي مدي جي رٿابندي ڪئي وڃي.

(2) صوبي ۾ جديد نوعيت جي ادارن ۽ انفرااسٽرڪچر وسيلي انفرميشن ٽيڪنالاجي ۽ هٿراڌو ذهانت بابت تعليم ۽ سکيا کي پکيڙيو وڃي. انهن شعبن ۾ اعليٰ تعليم لاءِ خاص وظيفا فراهم ڪيا وڃن.

(3) ايندڙ پنجن سالن ۾ نيون يونيورسٽيون ۽ ڪئمپس کولڻ بجاءِ موجود ادارن کي بهتر سهولتون، سامان ۽ فيڪلٽي فراهم ڪئي وڃي.

(4) هر تعلقي هيڊڪوارٽر ۾ معياري لائبريريون قائم ڪيون وڃن، جتي ڊجيٽل لائبريريءَ جي سهولت به مهيا ڪئي وڃي.

(5) فني تعليم جي برباد ٿيل ادارن کي خانگي شعبي ۽ صنعتي ادارن جي مدد سان بحال ڪري انهن ادارن جي مدد سان فيڪلٽي ورڪشاپس ۽ ليبارٽريون مهيا ڪيون وڃن.

(6) نوجوانن کي پرڏيهه ۾ اعليٰ تعليم، هنري سکيا ۽ شهرن ۾ ڪاروبار لاءِ مالي سهائتا فراهم ڪئي وڃي.

صحت جو شعبو:

(1) سنڌ ۾ تعلقي ۽ ضلعي سطح جي اسپتالن جي حالت خراب آهي. انهن کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ سڌارن جو پئڪيج آندو وڃي.

(2) عورتن ۽ ٻارن جي صحت کي سڌارڻ لاءِ جامع پئڪيج آندو وڃي ته جيئن عورتن ۽ ٻارن جي موت جي شرح پنجن سالن اندر اڌ تائين گهٽائي وڃي.

(3) آبادي جي واڌ جي هاڻوڪي رفتار نه رڳو عوامي صحت لاءِ چئلينج آهي پر صوبي جي مجموعي ترقي اڳيان به وڏي رنڊڪ آهي. سنڌ ۾ آباديءَ جي واڌ جي رفتار گهٽائڻ لاءِ خانگي شعبي ۽ غير سرڪاري ادارن جي مدد سان فيصلائتا اپاءَ ورتا وڃن.

(4) صوبي جي آباديءَ جو وڏو حصو پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان محروم آهي ۽ خراب پاڻي صوبي اندر بيمارين جو اهم ترين ڪارڻ آهي. صوبي ۾ عالمي معيارن آهر پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ رٿا جوڙي ان تي عمل ڪرايو وڃي.
ماحوليات، موسمي تبديليون ۽ قدرتي آفتون:
(1) سنڌ ۾ ماحولياتي خرابي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. شهرن ۾ ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي گدلاڻ ان جو مکيه ذريعو آهن. ٻهراڙين ۾ وڻن جي واڍي ۽ نئين وڻڪاري نه ٿيڻ ۽ هاڃيڪار زرعي دوائون اهم ذريعو آهن. انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع رٿابندي ڪئي وڃي.
(2) سنڌ ۾ موتمار ۽ تباهي پکيڙندڙ ٻوڏن مان سکندي ٻوڏن کان بچاءُ لاءِ جامع رٿا تيار ڪري ان تي مرحليوار عمل ڪرايو وڃي. انهن ۾ ٻوڏن جا بچاءُ بند، نيڪال جو اثرائتو نظام، سم نالين جي بحالي، بند ٿيل قدرتي وهڪرن جي بحاليءَ کي شامل ڪيو وڃي.
(3) ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي سم نالن کي مڪمل ڪرڻ، انهن جي ڊزائين کي بهتر بنائڻ ۽ سٺي سار سنڀال جو نظام جوڙي انهن کي تباهي پکيڙڻ بجاءِ تباهي ٽارڻ جو ذريعو بڻايو وڃي.
(4) ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ روڊن رستن کي بحال ڪيو وڃي.
(5) يونين ڪائونسل سطح تي ايمرجنسي ريسڪيو ۽ پناهه گاهن جو نظام جوڙيو وڃي.

ٻولي ۽ ڪلچر:
(1) سنڌي ٻوليءَ کي آءِ. ٽي (I.T)۽ آءِ. اَي (I.A) جي جديد گهرجن سان سلهاڙڻ لاءِ ادارتي جوڙجڪ ڪئي وڃي ته جيئن سنڌي ٻولي جديد دور جي گهرجن جو پورائو ڪري سگهي.
(2) سنڌ ۾ سمورا سرڪاري نوٽيفڪيشن، رستن ۽ عمارتن جا بورڊ ۽ اهم سياسي لکپڙهه ۾ سرڪاري ٻوليءَ طور سنڌيءَ کي به اختيار ڪيو وڃي.
(3) سنڌ ۾ ثقافتي ۽ تاريخي ماڳن جي سياحت جو پلان جوڙي، خانگي شعبي ۽ غير سرڪاري ادارن وسيلي انهن تي عمل ڪرايو وڃي.
شهري ترقي:
(1) سنڌ ۾ ننڍن وڏن شهرن جو ميونسپل خدمتن وارو سرشتو بربادي جو شڪار آهي. شهرن جي انفرااسٽرڪچر ۽ عوامي خدمتن جو نظام سڌارڻ لاءِ مڪاني ادارن جي بجيٽن کي وڏيرن جي اوطاقن تي خرچ ڪرڻ جو نظام بند ڪيو وڃي. سفارشي ڀرتين وسيلي لشڪر ڀرتي ڪرڻ بجاءِ اهي رقمون شهرن جا رستا، ناليون ۽ ڪچري جو نظام سڌارڻ ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي تي خرچ ڪيون وڃن.
(2) شهرن جا ٺهيل ماسٽر پلان عمل هيٺ آندا وڃن.
هي ڪجهه نڪتا منهنجي ذهن ۾ آيا، جن ۾ وڌيڪ نڪتا شامل ڪري انهن کي عام ڪيو وڃي. عوامي ميڊيا وسيلي عوامي ايجنڊا ۽ منشور کي بحث هيٺ آڻي اميدوارن ۽ اڳتي هلي حڪمرانن کان عوامي پڇاڻي جي شروعات ڪئي وڃي. جيستائين عوام پنهنجو منشور اڳيان نه آڻيندو ۽ سياسي جماعتن ۽ حڪومتن کان پڇاڻو نه ڪندو، سنڌ جون حالتون سڌري نه سگهنديون

هن آرٽيڪل جي مواد سان متفق هجڻ ضروري ناهي
پنهنجي اخبار جي ٿورن سان پيش ڪجي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو