چولستان لاءِ پاڻي جو اين او سي جاري ڪرڻ تي خدشا،ڪاڪڙ کي خط

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جو نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ کي خط، سنڌ جي نگران وڏي وزير ارسا پاران پنجاب جي چولستان لاءِ پاڻي جي اين او سي جاري ڪرڻ تي سخت خدشا ظاهر ڪيا، سنڌ جي وڏي وزير جو ترجمان موجب ارسا 17 جنوري 2024ع تي پاڻي بابت رپورٽ جاري ڪئي هئي، ميمبر ارسا سنڌ موجب اسلام آباد ۾ پنجاب جي آبپاشي کاتي پاران ننڍي چولستان ۾ زراعت کي وڌائڻ لاءِ پاڻي جو اين او سي جاري ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي، لنڪ ڪينال پروجيڪٽ ذريعي پاڻي جي منتقلي لاءِ هن تجويز ۾ 4122 اي ايف ايس ٺاهيو ويو آهي،سليمانڪي هيڊ ورڪس کان بهاولنگر ۽ بهاولپور ضلعن تائين فيڊر چينل جي تعمير ۾ فيڊ ايرياز جي بندش شامل آهي،نگران وڏي وزير چيو ته جنهن جو ڪل ڪمانڊ ايريا 696,651 ايڪڙ آهي ۽ پوکي لائق ڪمانڊ ايريا 610,237 ايڪڙ آهي،ننڍي چولستان کي پاڻي جي فراهمي لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ تي سخت خدشا آهن، سنڌ حڪومت کان ڪا به ڄاڻ ڏيڻ کانسواءِ ڳجهي ۽ اوچتو اين او سي جاري ڪيوپاڻي جي معاهدي تحت پنجاب جو حصو اڳي ئي موجوده ڪئنال سسٽم لاءِ وڌيڪ مختص آهي،خريف دوران پنجاب 2007ع جي 37.07 ايم اي ايف پاڻي معاهدي کان 37.7 ايم اي ايف وڌيڪ استعمال ڪيو، ان جو مطلب آهي ته پنجاب صوبي جي موجوده ڪئنال جي گنجائش ان جي پاڻي جي معاهدي کان وڌيڪ آهي،واٽر اڪارڊ جي پيرا 4 موجب ڪوٽڙي بئراج هيٺ پاڻي جي فراهمي جو اندازو ان وقت تائين نه ٿو لڳائي سگهجي، جيستائين معاهدي جي پيرا 7 موجب پاڻي نه ٿو اچي،ان ڪري واٽر اڪارڊ 1991ع جي پيرا 4 تحت منصوبي کي پاڻي فراهم نٿو ڪري سگهجي،پنجاب حڪومت جي تجويز ڪيل منصوبي لاءِ پيش ڪيل 1976-2022 سالن دوران ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻيءَ جي سراسري دستيابي 27.091 MAF ظاهر ڪري ٿي.جيڪڏهن اسان گذريل 22 سالن 2000-2022 جي ڊيٽا تي نظر وجهون ته ڪوٽڙي بئراج جي هيٺاهين وهڪري جي اوسط ڊسچارج جي شرح 14.02 MAF جي لڳ ڀڳ رهي آهي. پاڻي جي کوٽ جو رجحان اپ اسٽريم ميگا واٽر منصوبن جي ترقي ۽ ڀارت پاران اڀرندي دريائن تي پاڻي جي منصوبن جي ترقي ۽ موسمياتي تبديلي جي خراب اثرن سان جاري رهندو.ارسا پاران اين او سي جاري ڪرڻ سنڌ جا پاڻي حق سخت خطري ۾ وجهي ڇڏيا آهن،سنڌ جي عوام طرفان اپيل آهي ته چونڊيل حڪومت اچڻ تائين هي فيصلو ملتوي ڪيو وڃي،هي اين او سي جاري ڪرڻ نگران حڪومت جي اختيار کان ٻاهر آهي،سنڌ جي مفادن کي نقصان پهچائڻ وارو فيصلو مستقبل ۾ ڪنهن به حڪومت لاءِ ڏکيو هوندو

پهنجو تبصرو موڪليو