چنڊ جي ڏاکڻي حصي جي مٿاڇري تي ٽيمپريچر 50 ڊگري رڪارڊ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چنڊ جي ڏاکڻي حصي تي موڪليل ڀارتي خلائي گاڏي چندريان 3 ڊيٽا موڪلڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڀارت جي خلائي تحقيق واري اداري ايڪس يعني ٽئٽر تي جيڪا معلومات شيئر ڪئي آهي ان م ٻڌايو آهي ته چنڊ جي ڏاکڻي حصي جي مٿاڇري تي گرمي جو پد 50 ڊگري آهي. جڏهن ته 3 انچ مٿاڇري کان هيٺ جو ٽيمپريچر منفي 14 رڪارد ڪيو ويو آهي. ڀارتي تحقيقاتي اداري جو چوڻ آهي ته چنڊ جي ڏاکڻي حصي جي مٿاڇري جو تهه 16 کان 66 فٽ يعني 5 کان 20 ميٽر اونهو يعني گهرو آهي. اداري جو چوڻ آهي ته وڌيڪ ڊيٽا جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ مناسب وقت تي معلومات شيئر ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو