چمي تي معطلي! سيد نيب حوالي، قبضه گير آزاد،عوامي ڪم رلي ويا

سکر(جيرام داس ۽ امداد ڪلوڙ ) احتساب عدالت خورشيد شاهه کي سومر تائين 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو. خورشيد شاهه عدالت ۾ چيو ته کيس ٽن مهينن لاءِ يا عمر ڀر به نيب حوالي ڪيو وڃي ته به هو ڪو ٺوس الزام ثابت ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر لڳائي به نه سگهندا. هن عدالت کي ٻڌايو ته سکر ۾ 16 ارب روپين جا ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي کيس سزا ملي رهي آهي. مون هڪ اسڪول کي 4 ايڪڙ جو پلاٽ گفٽ ڪيو جنهن جي ماليت 8 ڪروڙ آهي. شهر ۾ جن سرڪاري پلاٽن تي قبضا ڪيا اهي ٻاهر آهن ۽ مون قبضا خالي ڪرائي انهن تي اسڪول، اسپتالون ۽ يونيورسٽيون ٺهرايون ان ڪري جيل ۾ آهيان، ڇو ته ڪجهه ڌريون عوامي ترقي نٿيون ڇاهن. هن چيو ته کيس تڪليف پهچائڻ، ڪردار ڪشي ڪرن لاءِ گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته دنيا جا بهتر ماڻهو جيلن م مرندا آهن ڀلي نيب زيادتي ڪري پر هن مهل تائين هڪ ثبوت سامهون ناهي آندو ويو. سندس وڪيل مڪيش ڪمار ۽ نيب جي وڪيل ۾ بحث ٿيو جنهن بعد عدالت سندس جسماني رمانڊ بابت نيب جي 15 ڏينهن جي درخواست رد ڪندي سومر تائين نيب حوالي ڪيو ۽ نيب کي هدايت ڪئي ته جلد ثبوت پيش ڪريو. عدالت ۾ چئني صوبن کان خورشيد سان ملاقات لاءِ سوين ماڻهو پهتا. ٻڌڻيءَ دوران جج پ پ ايم اين اي کان پُڇيو ته خورشد شاهه! توهان تي ڪو ذهني يا جسماني تشدد ته نه ڪيو ويو آهي؟ جنهن تي خورشيد شاهه جواب ڏنو ته جج صاحب! نيب تشدد جو نشانو نه بنايو آهي، پر ڇا هي گهٽ تشدد آهي ته منهنجي ڪردار ڪشي ٿي ڪئي وڃ ۽ ثبوت هڪ به پيش نٿو ڪيو وڃي. عدالت خورشيد شاهه جو مڪمل ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻيءَ دوران خورشيد شاهه جي وڪيل استدعا ڪئي ته سندس اصيل کي عدالتي رمانڊ تي موڪليو وڃي، نيب کي رمانڊ ڏيڻ جي ضرورت نه آهي. جنهن تي جج وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان سوالنامي جا سمورا جواب ڏئي چڪا آهيو؟ نئين سوالنامي جا جواب ڪير ڏيندو؟ نيب جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته خورشيد شاهه جي اڪائونٽ ۾ لکين رُپيا نقد جمع ٿيا آهن، 28 ڪروڙ کان مٿي رقم موجود آهي اها ڪٿان آئي جواب نٿو ڏئي، تنهن ڪري وڌيڪ جاچ لاءِ 15 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي. خورشيد شاهه عدالت ۾ چيو ته کيس دل ۽ آڪسيجن جو مسئلو آهي، رات به سندس طبيعت خراب ٿي وئي هئي.احتساب عدالت ڌُرين جا دليل ٻڌڻ بعد پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه کي وڌيڪ 6 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته کيس 21 آڪٽوبر سومر تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو. ****امداد علي ڪلوڙ موجب عدالتي ڪاروائي بعد پ پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا ميڊياسان ڳالھائيندي چيو ته هي ميڊيا ٽرائل آهي اڳ ۾ پنج سو ارب جو الزام لڳو، بعد م 5 ارب جو، هاڻي وڃي ڳالھ ھڪ گھر تي پھتي آھي . خورشيد شاھ سکر جي ماڻھن جي خدمت ڪئي آھي شاھ صاحب جي شخصيت کي بدنام ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته خورشيد شاھ جو قصور اھو آھي ته ان اسپتالو ڪاليجون ٺاھيون ماڻھن کي روز گار ڏنو، نيب ۾ بھتري جي ضرورت آھي احتساب برابري جي بنياد تي ٿيڻ گھرجي. عدالت ۾ هڪ موقعي تي جج خورشيد شاهه کي چيو ته اوهان جي غلطي اها آهي ته اوهان نيب قنون ختم نه ڪيو. خپورشيد شاهه چيو ته اسان ڪوشش ڪئي نون ليگ وارن مخالفت ڪئي. جنهن تي عدالت ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. هوڏانهن سيد خورشد شاهه کي مقرر وقت کان عدالت ۾ 3 ڪلاڪ دير سان آندو ويو، ساڻس ملڻ لاءِ هزارين ماڻهو ايل هئا، رهائشي علائقي ۾ قائم نيب عدالت ۾ حاضري سبب گهٽين ۾ قناتون لڳائي بندي ڪيون ويون. سيڪورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي هئي، 300 ميٽر پري پوليس بيريئر لڳائي رستا بند ڪري ڇڏيا هئا. هڪ موااعي تي سيد خورشيد شاهه نيب جي ڪارن شيشن واري هاءِايس مان جيئن ٻاهر آيو ته ڊيوٽي تي موجود پوليس انسپيڪٽرشاهنواز سندس هٿ چميو جنهن تي خبر ميڊيا ۾ وائرل ٿي وئي ته هن وردي ۾ ايئين ڇو ڪيو، جنهن بعد ان انسپيڪٽر کي معطل ڪيو ويو. جنهن جو چوڻ آهي ته ڀلي نوڪري مان ڪڍو پر سائين جهڙي سنت کي گرفتار ڪرڻ ظلم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو