چارسده: گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 3 ٻارڙا فوت، والدين زخمي

چارسده: گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 3 ٻارڙا فوت، والدين زخمي

چارسده: (ويب ڊيسڪ) چارسده جي علائقي پڙانگ ماجوڪي ۾ زبون حال بڻيل ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن.تفصيل موجب گهر جي ڇت رات جو 3 وڳي اوچتو ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا ملبي هيٺيان دٻجي فوت ٿي ويا. اطلاع ملندي ئي ريسڪيو چارسده جون امدادي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جنهن کان پوءِ امداد ڪارروايون شروع ڪيون ويون.ريسڪيو اهلڪارن مقامي ماڻهن جي مدد سان ملبي هيٺيان دٻيل سمورن ماڻهن کي ڪڍي ورتو. حادثي ۾ 35 ورهين جو آجھاد ۽ 25 ورهين جي نائله زخمي ٿي پيا. جڏهن ته سجاول(عمر 12 سال) ابوبڪر(عمر 3 سال) ۽ عمير(عمر 2 سال) فوت ٿي ويا.زخمين کي فوري طور تي ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمي ٿيندڙ عورت ۽ مرد فوت ٿي ويل ٻارڙن جا والدين آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته گهر زبون حال بڻجي چڪو هو جنهن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو