ڀَنگ ذريعي ڊالر ڪمائڻ جو فيصلو، ڀنگ مان ڇا ڇا ٺهندو آهي؟

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پاڪستان ڀَنگ جي واپار لاءِ هڪ قانوني فريم ورڪ قائم ڪري رهيو آهي، جنهن هيٺ ڀنگ پوکڻ، خريد ۽ وڪرو ڪرڻ جا لائيسنس جاري ڪيا ويندا. پاڪستان صنعتي ۽ طبي مقصدن لاءِ ڀنگ پرڏيهه موڪلي ايڪسپورٽ وڌائڻ چاهي ٿو. چار سال اڳ عمران خان جي حڪومت ان ڏس ۾ سيپٽمبر 2020 ۾ منظوري ڏني هئي پر گذريل 4 سالن ۾ نه ان تي عمل ٿيو ۽ نه ئي ان جا رولز ٺهيا. هاڻي هڪ صدارتي حڪم فيبروري ۾ منظور ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي پهرين ڀنگ ڪنٽرول ۽ ريگيوليٽري اٿارٽي جي قيام جي منظوري ڏي وئي آهي ۽ هي اٿارٽي ڀنگ جي پوکي، خريد، وڪرو ۽ ايڪسپورٽ لاءِ ضابطا ٺاهيندي ۽ ان تي ٽيڪس به لاڳو ڪئي ويندي. ان ڏس ۾ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلٽيشن ڪائونسل جي هڪ سينئر آفيسر، جيڪو سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪومتي ڪوششن جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، تنهن ’نِڪي ايشيا‘ کي ٻڌايو ته ”اسان هن معاملي تي تيزي سان عمل ڪرڻ ۾ تمام سنجيده آهيون ، ۽ شيون تمام تيز رفتار سان اڳتي وڌي رهيون آهن “ . پاڪستان کي اميد آهي ته عالمي ڀنگ جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پنهنجي سازگار وڌندڙ حالتن جو ترت فائدو حاصل ڪندو. ڀارتي ڪمپني ’مارڪيٽ اينڊ مارڪيٽس‘ جو چوڻ آهي ته 2027 تائين ڀنگ جو عالمي مارڪيٽ 82.3 بلين ڊالر ٿي ويندو، جيڪو 2022 ۾ 27.2 بلين ڊالر هو. پاڪستان ۾ گهڻي ڀاڱي افغانستان جي سرحدي علائقي ۾ ڀنگ پوکي ويندي آهي. جڏهن ته هي ٻوٽي اسلام آباد، اتر ۽ اولهه پاڪستان ۾ جهنگلي ٻوٽي طور به پاڻ ئي ڄمندي آهي. پاڪستان ۾ 1970 تائين ڀنگ جي پوک ۽ وڪرو قانوني طور جائز هو. ”هپي ٽريل “ نالي دوڪان هوندا هئا جن تي اڪثر رش نظر ايندي هئي. بعد ۾ فوجي حڪمران جنرل ضياءُ الحق 1980 واري ڏهاڪي ۾آمريڪي صدر رونالڊ ريگن جي منشيات خلاف عالمي جنگ واري مهم دوران ڀنگ جي استعمال ۽ پوکي کي غير قانوني قرار ڏنو هو.شهباز شريف جي حڪومت پاران ورتل اپائن سبب ڀنگ مان ٻه عنصر حاصل ڪيا ويندا، جهڙوڪ Tetrahydrocannabinol (THC) ۽ ٻيو Cannabidiol (CBD) نالي پروڊڪٽس، مريضن کي وڪڻڻ لاءِ پيش ڪيا ويندا ۽ پرڏيهه به موڪليا ويندا. جن ماڻهن کي دائمي جسم جي مختلف عضون ۾ سور جي شڪايت هوندي آهي انهن لاءِ هي دوائون هڪ نعمت ثابت ٿينديون. جن ماڻهن کي Fibromyalgia (هن بيماري ۾ انسان جي دماغ ۽ ڪرنگهي جي هڏي متاثر ٿيندي آهي جنهن سبب حافظو گهٽجي ويندو آهي، مٿي ۾ سور يا اڌ مٿي ۾ سور، موڊ خراب وغيره رهندو آهي). ٻئي بيماري Epilepsyآهي . يعني مرگهي، انهن بيمارين جي علاج لاءِ دوائون ٺهي سگهن ٿيون. جڏهن ته ڀنگ جي ٻوٽي جي ڏنڊي ۽ پنن مان رسيون، ڪپڙا، ڪاغذ ۽ تعميراتي مواد ٺاهڻ ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. ڀنگ مان حاصل ٿيندڙ مادو THC جو غلط استعمال به ٿي سگهي ٿو جهڙوڪ آفيم ۽ هيروئن سميت نشي آور شيون ٺاهڻ ُوغيره. ان جي غلط استعمال روڪڻ لاءِ حڪومت دوڪاندارن ۽ ڪاروبارين تي 20 لک ڏنڊ ۽ قيد، ڪنهن فرد جي غلط استعمال ۾ ملوث هئڻ واري کي 10 لک ڏنڊ ۽ قيد جي سزا تجويز ڪئي وئي آهي. ٿائيلينڊ ايشيا جو پهريون ملڪ آهي جنهن ڀنگ جي پوک ۽ استعمال کي ڏوهن جي لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي. هن وقت به پاڪستان ۾ ٽي ايڇ سي آئل ۽ ڀنگ جا ٻيا مادا پرڏيهه مان گهرايا ويندا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ڀنگ جي استعمال کي ڊاڪٽرن جي نسخي سان مشروط ڪيو وڃي، هر اسٽور تي بنا نسخي وڪرو ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ گهرجي. پاڪستان ۾ ڪپهه 70 کان 80 لک ڳٺڙيون گهٽ پيداوار ٿئي ٿي ۽ ٽيڪسٽائيل سيڪٽر ان لاءِ ڀنگ مان ٺهندڙ فائبر گهرائيندو آهي جنهن تي ڪروڙين ڊالر خرچ ٿئي ٿو. ڀنگ جي پوک کي گهڻو پاڻي، ڪيڙي مار دوائون يا فرٽيلائيزر جي به ضرورت نه پوندي آهي. ڪپهه جي کوٽ لاءِ ڀنگ واحد سستو متبادل ذريعو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو