ڀتي طور کير وٺندڙ 2 پوليس وارن کي 3 سال قيد جي سزا

جيڪب آباد (عبدالنبي شيخ) سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پوليس اهلڪارن طرفان ڳوٺاڻي کان ڀتي طور کير وٺڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت جمعدار اولخير بروهي ۽ سپاهي محمد حسين اوڍو کي ڀتو وٺڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽي ٽي سال قيد ۽ 20 هزار رُپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. فيصلي موجب ڏنڊ جي رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ويندي. واضح رهي ته سيپٽمبر 2018ع ۾ ڳوٺاڻي دلشاد چانڊيو جڊيشل مئجسٽريٽ ڪنزيومر ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ هُن موقف اختيار ڪيو ته هو کير جو واپار ڪندو آهي، ڄاڻايل پوليس اهلڪار روزانو  ڀتي طورکير ڏيڻ لاءِ کيس پريشان ڪري رهيا آهن، درخواست ۾ سندس چوڻ هو ته مولا داد ٿاڻي جي پوليس کيس ۽ سندس ڀاءُ منٺار چانڊيو کي گرفتار ڪيو، 35 هزار رُپيا به ڦريا ويا ۽ روزانو 2 ڪلو کير ڀتي طور ڏيڻ جو واعدو وٺي آزاد ڪيو. اڄ عدالت اهڙي درخواست تي ٻڌڻي بعد فيصلو ڏنو ۽ جوابدار  اهلڪارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو