جيڪب آباد (عبدالنبي شيخ) سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پوليس اهلڪارن طرفان ڳوٺاڻي کان ڀتي طور کير وٺڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت جمعدار اولخير بروهي ۽ سپاهي محمد حسين اوڍو کي ڀتو وٺڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽي ٽي سال قيد ۽ 20 هزار رُپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. فيصلي موجب ڏنڊ جي رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ويندي. واضح رهي ته سيپٽمبر 2018ع ۾ ڳوٺاڻي دلشاد چانڊيو جڊيشل مئجسٽريٽ ڪنزيومر ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ هُن موقف اختيار ڪيو ته هو کير جو واپار ڪندو آهي، ڄاڻايل پوليس اهلڪار روزانو ڀتي طورکير ڏيڻ لاءِ کيس پريشان ڪري رهيا آهن، درخواست ۾ سندس چوڻ هو ته مولا داد ٿاڻي جي پوليس کيس ۽ سندس ڀاءُ منٺار چانڊيو کي گرفتار ڪيو، 35 هزار رُپيا به ڦريا ويا ۽ روزانو 2 ڪلو کير ڀتي طور ڏيڻ جو واعدو وٺي آزاد ڪيو. اڄ عدالت اهڙي درخواست تي ٻڌڻي بعد فيصلو ڏنو ۽ جوابدار اهلڪارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي.
ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟
جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت
علامه ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي
بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا
يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف