ڀارت: ريل گاڏي ۾ باهه لڳڻ سبب 10 ڄڻا سڙي فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ ٽرين کي باهه لڳڻ سبب 10 ڄڻا فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.ڀارتي ميڊيا موجب اسٽيشن تي بيٺل بوگي ۾ غير قانوني گئس سلينڊر رکيل هو، جنهن سبب باهه لڳي وئي.رپورٽن مطابق بوگي ۾ سوار مسافر گئس سلينڊر مان چانهه ۽ ناشتو تيار ڪري رهيا هئا.ڀارتي ميڊيا موجب حادثي ۾ زخمي ٿيلن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. باهه صبح 5 وڳي لڳي جنهن تي 7 وڳي قابو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو