ڀارتي ٽي وي شو سي آءِ ڊي جو اداڪار لاڏاڻو ڪري ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڪرائم ڊراما سيريل سي آءِ ڊي جو مشهور اداڪار دنيش فڊنس سومر جي رات لاڏاڻو ڪري ويو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب دينيش فڊنس جي موت جي تصديق ڪو اسٽار ۽ سي آءِ ڊي ۾ ديا جو ڪردار ادا ڪندڙ ديانند شيٽي به ڪئي.ٽائمز آف انڊيا جي هڪ رپورٽ موجب 3 ڊسمبر تي ڀارتي ميڊيا ٻڌايو ته دنيش کي دل جو دورو پوڻ سبب ممبئي جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو پر بعد ۾ ديانند شيٽي انهن خبرن کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو. ديانند شيٽي چيو ته دنيش کي جگر جو مسئلو هو، جنهن سبب هو علاج هيٺ هو ۽ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان وينٽيليٽر تي هو.سومر جي رات سندس حالت خراب ٿي وئي، جنهن بعد هو ساهه نه کڻي سگهيو ۽ فوت ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو