اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾پاڪ فوج جو هڪ جوان شهيد ٿي ويوآهي جڏهن ته پاڪ فوج ڀارت جو هڪ جاسوس ڊرون ڪيرائي ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب ايل او سي جي بيدوري سيڪٽر تي ڀارتي فوج ڄاڻي واڻي شهري آبادي کي نشانو بڻايو. فائرنگ ۾ پاڪ فوج جو هڪ جوان حوالدار لياقت شهيد ٿي ويو.

شهيد ٿيل حوالدار جو تعلق چڪوال سان هو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي جوابي فائرنگ ۾ ڀارتي فوج جو وڏو نقصان ٿيو آهي. ٻئي پاسي پاڪ فوج ڀارت جو هڪ جاسوس ڊرون ڪيرائي وڌو آهي. آءِ ايس پي آر ترجمان موجب ڀارت جو ڪواڊ ڪاپٽر چڪوٺي سيڪٽر ۾ 500 ميٽر پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيو. جنهن کي پاڪ فوج جي جوانن ڪيرائي وڌو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج ڀارت جا هن وقت تائين 11 جاسوس ڊرون ڪيرائي چڪي آهي.










