ڀارتي اداڪار جو والد لاڏاڻو ڪري ويو

ڀارتي اداڪار جو والد لاڏاڻو ڪري ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪار نصر جو والد محبوب باشا 95 سالن جي ڄمار ۾ تامل ناڊو ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.واضح رهي ته اداڪار ناصر ڏکڻ هندستاني فلم انڊسٽري جي مشهور ڪردارن مان هڪ آهي، جڏهن ته هو هن وقت اداڪارن جي يونين جي صدر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.ٻڌايو پيو وڃي ته محبوب باشا گذريل ڪجهه عرصي کان وڏي ڄمار جي بيمارين ۾ مبتلا هو ۽ اڄ (اڱارو) تامل ناڊو جي شهر چنگلپٽو ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي لاڏاڻو ڪري ويو.اداڪار نصير جي والد جي خواهش هئي ته هو اداڪاري سکي ۽ فلمي دنيا ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪري، جنهن تي ناصر پهريان سائوٿ انڊين فلم چيمبر آف ڪامرس جي فلم انسٽيٽيوٽ ۽ بعد ۾ تامل ناڊو انسٽيٽيوٽ فار فلم اينڊ ٽيليويزن ٽيڪنالاجي ۾ شامل ٿيو.شروعات ۾ کيس ايتري ڪاميابي نه ملي، پر هن همت نه هاري ۽ بعد ۾ تمام گهڻي شهرت ماڻي.

پهنجو تبصرو موڪليو