ڀارتي اداڪار دل جو دورو پوڻ سبب وينٽيليٽر تي منتقل

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارت جي مقبول ترين ڪرائم ڊرامي سيريل سي آءِ ڊي ۾ فريڊرڪس جو مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار دنيش فڊنس کي دل جو دورو پيو، جنهن کانپوءِ سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب 57 سالن جي دنيش فڊنس کي اوچتو دل جو دورو پيو، جنهن کانپوءِ کيس ممبئي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو.دنيش فڊنس هن وقت وينٽيليٽر تي آهي جتي دل جو دورو پوڻ بعد هو زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيو آهي، جمعي جي رات اداڪار جي حالت نازڪ هئي پر هاڻي سندس حالت اڳ کان بهتر ٻڌائي پئي وڃي.ڀارتي ٽي وي چئنلز تي ٻن ڏهاڪن کان هلندڙ ڊرامي سي آءِ ڊي جي عملدار ۽ ڪاسٽ کي به فوري طور تي دنيش جي صحت بابت آگاهه ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ٽيم اداڪاره جي عيادت لاءِ اسپتال پهتي.اداڪار جي صحت جي حوالي سان ان خبر سندس مداحن کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي ۽ سوشل ميڊيا تي دنيش فڊنس جي صحتيابي لاءِ دعائون ڪيون پيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو