ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مقبول ترين ڊرامه سيريل “الف” ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ خوبصورت اداڪاره سجل علي کي پاڪستان سميت سرحد پار به بيحد پسند ڪيو ويندو آهي. سجل علي کي پاڪستان ۾ ته بيحد پسند ڪيو وڃي ٿو پر بالي ووڊ ۾ قدم رکڻ کان پوءِ ڀارت ۾ به ان جا بيشمار مداح نڪري پيا آهن. پاڪستاني اداڪاره سجل علي بالي ووڊ فلم “موم” ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا آهن ۽ ان فلم ۾ ان سان گڏ ڀارت جي مشهور اداڪاره سري ديوي به اداڪاري ڪئي آهي. تازو معروف ڀارتي اداڪاره سونم باجوه برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ اعتراف ڪيو ته هو پاڪستاني اداڪاره سجل علي جي وڏي مداح آهي. ڀارتي اداڪاره سونم باجوه پنهنجي انٽرويو ۾ سجل علي جي تعريف ڪندي چيو ته سجل علي هڪ بهترين اداڪاره آهي مان بيحد خوشي محسوس ٿي ڪيان ته جو ان مان گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو آهي ۽ هو هڪ حيرت انگيز اداڪاره آهي. سونم باجوه سوشل ميڊيا تي اداڪاره سجل علي جي تصويرن تي ڪمينٽ ڪري چيو آهي ته هو پاڪستاني ڊرامه انڊسٽري جي به وڏي مداح آهي. ياد رهي ته اداڪاره سجل علي نجي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ مشهور ڊرامه سيريل الف ۾ اداڪاري ڪري رهي آهي جنهن کان مداحن پاران تمام گهڻو پسند ڪيو ويو آهي.
