ڪولڪتا(ويب ڊيسڪ)ڪولڪتا جي عدالت ڀارتي اداڪارا زرين خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب زرين خان خلاف ڪولڪتا ۾ ڪيتريون ئي شڪايتون داخل ڪيون ويون، ڪيس جي جاچ آفيسر ڪولڪتا جي سيالده ڪورٽ ۾ اداڪارا خلاف چارج شيٽ جمع ڪرائي ڇڏي.زرين خان خلاف ڪيس 2018 ۾ داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته هڪ ايونٽ مئنيجمينٽ ڪمپني طرفان سندس خلاف ڪولڪتا ۾ هڪ پوجا جي 6 تقريبن ۾ پرفارم نه ڪرڻ تي شڪايتون داخل ڪيون ويون هيون. عدالت جي بار بار نوٽيس باوجود اداڪارا پيش نه ٿي، جنهن بعد سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.
