ٿر ۾ ٻارِڙن جون مسلسل فوتگيون حڪمرانن جي بي حسي جي انتھا آھي

ٿر ۾ ٻارِڙن جون مسلسل فوتگيون حڪمرانن جي بي حسي جي انتھا آھي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ ٿرپارڪر ۾ خوراڪ جي کوٽ توڙي صحت جي سھولتن جي اڻھوند سبب مسلسل معصوم ٻارڙن جي فوتگين تي ڳڻتي جو اظھار ۽ حڪومتي بي حسي قرار ڏيندي گهر ڪئي آھي تہ صحت کاتو نوٽس وٺي تدارڪ ۽ وڌيڪ معصوم ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن.جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي تہ ھلندڙ سال ڇھن مھينن دوران خوراڪ جي کوٽ ۽ سھولتن جي فقدان سبب 483 ٻارڙافوت ٿي چڪا آھن . جيڪا حڪومت جي نا اھلي خوشحال ٿر وارن دعون جي بالڪل ابتڙ آھي جڏھن تہ غربت توڙي بک ، بدحالي سبب 70 کان وڌيڪ انسان خودڪشي ڪري پنھنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي چڪا آھن . ھن وڌيڪ چيو تہ اسلام ۾ خودڪشي حرام ۽ زندگي موت سڀ ڪجھ اللہ جي ھٿ وس ۾ آھي. پر زندگي جون بنيادي سھولتون فراھم ڪرڻ حڪومت وقت جي اولين ذمہ داري ھوندي آھي. گذريل 15 سالن کان برسر اقتدار پيپلزپارٽي جو تہ نعرو ئي اٽو لٽو ۽ اجهو آھي پر ھو پنھنجي منشور توڙي دعون ۾ ناڪام رھي آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو