ٿرڊ پارٽي ڀرتي خلاف قانون ختم ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ  سنڌ ۾ خانگي ادارن ۾ ملازمن کي ٺيڪيداري نظام  تحت ڀرتين خلاف منظور ڪيل قانون کي آئين خلاف قرار ڏئي رد ڪرڻ بابت  داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم اڱاري تي هڪ شهري طارق منصور پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. درخواستگذار پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت 2016ع ۾ نجي ادارن ۾ ڪانٽريڪٽر ذريعي ملازمن جي ڀرتين خلاف قانون پاس ڪيو هو ان قانون ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به ڪمپني ۾ ڪانٽريڪٽر ذريعي يعني ٿرڊ پارٽي ذريعي ملازمن کي ڀرتي نه ڪيو ويندو. داخل ڪيل درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو آهي ته سنڌ حڪومت اهو قانون آئين جي خلاف ٺاهيو جنهن تي هوءَ پاڻ ئي عملدرآمد نه پئي ڪري ان قانون کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي يا ان ۾ ترميم جو حڪم جاري ڪيو وڃي. عدالت درخواستگذار کي مخاطب ٿيندي چيو ته ان قانون سان سڌي ريت اوهان ڪيئن متاثر ٿي رهيا آهيو اهڙي درخواست ته ڪنهن متاثر شخص پاران داخل ڪرائڻ گهربي هئي جنهن تي درخواستگذار چيو ته مان عوامي مفادن خاطر هيءَ درخواست داخل ڪئي آهي. عدالت درخواستگذار کي چيو ته اوهان چاهيو ٿا ته هينئر جيڪا خانگي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازم کي جيڪا ملازمت جي گارنٽي آهي اها به ان قانون کي ختم ڪرڻ بعد ختم ٿي وڃي جيڪڏهن قانون تي عملدرآمد نه پيو ٿئي ته عملدارآمد لاءِ ادارا موجود آهن، ليبر انسپيڪٽر جو ڪم آهي ته هو ڪمپني ۾ وڃي ملازمن جي حقن جو ڌيان رکي. ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل بئريسٽر شبير شاهه عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت خانگي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ قانون پاس ڪيو آهي. درخواستگذار کي قانون کي ڪالعدم قرار ڏيڻ يا رد ڪرڻ بدران عملدرآمد لاءِ درخواست داخل ڪرڻ گهرجي. عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو