پڊعيدن پوليس پاران ٺڳن جو ٽولو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

پڊعيدن (مجاھد شر) مختلف شھرن ۾ ٺڳي، چوري ۽ ڦر جي ڏوهن ۾ ملوث هڪ گروهه کي پڊعيدن پوليس ڳجهي اطلاع تي ڇاپ هڻي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايڇ او راڻا جمشيد راجپوت ٻڌايو ته جلالجي لنڪ روڊ تي چيڪنگ دوران ٽن ڄڻن معشوق کوسو، سيد آفتاب شاه ۽ شاهد سيال کي گرفتار ڪري انهن وٽان مختلف 25 اي ٽي ايم ڪارڊ، ھڪ مهراڻ ڪار، موبائيل فون، 40 ھزارروڪ ۽ 3 پرس ھٿ ڪري سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته هي گروهه پڪاچانگ، پڊعيدن، دريا خان مري، نوشھروفيروز ۽ ٻين شهرن ۾ وارداتون ڪري چڪو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو