ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)تحريڪ انصاف سنڌ اسيمبلي جي وڌيڪ 8 ميمبرن کي ڊسپلن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو.ان حوالي سان پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته ميمبرن کي پارٽي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ لاءِ ووٽ ڏيڻ تي برطرف ڪيو ويو آهي.تحريڪ انصاف طرفان بلال احمد، ڪريم بخش گبول، محمد علي عزيز، عمر عمادي، رابعه اظفر نظامي، سچ آنند لکواڻي، عمران علي شاهه ۽ سنجي گنگواڻي کي پرائمري ميمبرن جي عهدي تان هٽايو ويو آهي.پارٽي پاليسيءَ جي ڀڃڪڙي تي انهن ميمبرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا، جن جو اطمينان بخش جواب نه ملڻ تي ميمبرن جي بنيادي رڪنيت ختم ڪئي وئي آهي.تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب جي دستخط هيٺ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
