پي ٽي آءِ چيئرمين مهانگائي جو سبب آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ مهانگائي بلند ترين سطح تي هئي، مهانگائي جو سبب پي ٽي آءِ چيئرمين آهي.مريم اورنگزيب چيو آهي ته اڄ به ڪوڙن ڪيسن ۾ عدالت ۾ پيش ٿي رهيا آهيون، اڄ جيڪي جيلن ۾ آهن اهي الله جي هٿ ۾ آهن. مريم اورنگزيب چيو آهي ته شهباز شريف 16 مهينن ۾ پاڪستان کي سريلنڪا ٿيڻ کان بچايو.هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف ملڪ واپس ايندو ۽ مهانگائي جو خاتمو آڻيندو، نواز شريف 21 آڪٽوبر تي پنهنجو ويزن ڏيندو، ملڪ جي ترقي جو رستو صرف نواز شريف وٽ آهي، پاڪستان جو عوام جنهن کي ووٽ ڏيندو اهو ئي وزير اعظم ٿيندو. مريم اورنگزيب چيو ته 9 مئي تي شهيدن جي يادگار تي حملو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو