پي ٽي آءِ حمايت يافته اميدوار 93 سيٽون کٽڻ ۾ ڪامياب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو مڪمل ٿي ويو ۽ سڀني قومي اسيمبلي سيٽن جا نتيجا سامهون اچي ويا آهن. عام چونڊن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جا حمايت يافته اميدوار 93 سيٽن سان سڀني کان اڳتي آهن، جڏهن ته ن ليگ 75 ۽ پ پ 54 سيٽون حاصل ڪيون آهن. ان کانسواءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان 17، ٻين آزاد اميدوارن 8، جمعيت علماءِ اسلام 4، ق ليگ 3، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي 2-2 سيٽون حاصل ڪيون آهن. پشتونخوا ملي عوامي پارٽي، مسلم ليگ ضيا، نيشنل پارٽي، پشتونخوا نيشنل عوامي پارٽي پاڪستان، بلوچستان عوامي پارٽي ۽ مجلس وحدت المسلمين هڪ – هڪ سيٽ حاصل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو