پي ٽي آءِ جو ٽن وڏن شهرن ۾ جلسا ڪرڻ جو اعلان

بونير (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ وفاقي تخت گاهه سميت ٽن وڏن شهرن ۾ جلسن جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڊي سي آفيس ۾ پرچم ڪشائي جي تقريب کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته صوابي ۾ جلسي کانپوءِ اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ جلسا ٿيندا. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ هر سطح جي جدوجهد جاري رکنداسين، عدالتن ۾ ڪيس به جاري آهن ۽ جلسا به ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ملڪ اسان جي وڏن جي قربانين سان وجود ۾ آيو، ملڪ جي حفاظت، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو