پي سي بي جو عورت ڪرڪيٽرن لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان

پي سي بي جو عورت ڪرڪيٽرن لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ عورت ڪرڪيٽرن لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪيو آهي.پي سي بي موجب، 20 رانديگرن کي 5 ڪيٽيگريز ۾ ڪانٽريڪٽ ڏنا ويا آهن ۽ سڀني ڪيٽيگريز ۾ رانديگرن جي معاوضي ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. ڪيٽيگري اي ۾ فاطمه ثنا، منيبه علي، سعديه اقبال ۽ سدره امين شامل آهن، ڪيٽيگري بي ۾ عاليه رياض، ڊيانا بيگ ۽ نشره سنڌو شامل آهن، جڏهن ته ڪيٽيگري سي ۾ رامين شميم کي ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو آهي.ڪيٽيگري ڊي ۾ گل فيروزه، ناجيه علوي، نتاليا پرويز، عمائمه سهيل، صدف شمس، سدره نواز، عروب شاهه، طوبيٰ حسن، ام هاني ۽ وحيده اختر شامل آهن.ان کان علاوه، ابھرندڙ رانديگرن لاءِ هڪ ايمرجنگ ڪيٽيگري متعارف ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ نوجوان ڪرڪيٽر ايمان فاطمه ۽ شوال ذوالفقار کي رکيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو