ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (پي ايس ايڪس) ۾ تيزي جا ٽي هفتا مڪمل ٿي ويا آهن، گذريل هفتي 100 انڊيڪس ۾ 2,350 پوائنٽس جو اضافو ٿيو آهي.پي ايس ايڪس بينچ مارڪ 100 انڊيڪس واپاري هفتي جي آخر ۾ 134,299 پوائنٽس تي ختم ٿيو.واپاري هفتي دوران انڊيڪس 2,605 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو، ان جي گھٽ ۾ گھٽ سطح 132,326 ۽ بلند ترين سطح 134,931 تي ٿي،هڪ هفتي ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 4.73 ارب شيئرز جو واپار ٿيو، جن جي ڪل قيمت 194 ارب رپيا آهي.ساڳئي طرح، مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 377 ارب رپين جي واڌ سان 16,288 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي.










