پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز نجي شعبي جي شراڪت سان هلايو، بلاول

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز سميت مختلف ادارن کي وڪرو ڪرن بدران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ هيٺ ڏنو وڃي. اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ مزدورن جي عالمي ڏينهن جي نسبت سان منعقد ڪيل هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت اينگرو ٿر ڪول منصوبي سميت ڪيترائي منصوبا ڪاميابي سان شروع ڪيا آهن. هن چيو ته اسٽيل ملز جيڪڏهن وفاقي حڪومت وڪرو ڪرن ٿي چاهي ته سنڌ حڪومت خريدڻ لاءِ تيار آهي، استيل ملز جي زمين سنڌ جي آهي. هن چيو ته ارڙهين ترميم موجب جيڪي وفاقي وزارتون ۽ ادارا 2015 تائين صوبن حوالي ڪرڻا هئا، اهي اڃا تائين ناهن ٿيا. هن چيو ته اسين بينظير مزدور ڪارڊ جاري ڪرڻ ٿا چاهيون، پر وفاق اڃا اي او بي آءِ صوبن حوالي نه پيو ڪري. هن چيو ته مزدورن جي محنت سان ئي اشرافيا ڪمائي ٿي ۽ اهو سندن فرض آهي ته مزدورن جو خيال ڪيو وڃي. هن چيو ته مزدورن جي اجرت ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي. مان وفاق حڪومت کي چوندس ته بجيٽ ۾ مهانگائي ۾ واڌ جي حساب سان ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسين پنهنجي پارٽي جي مزدور ونگ کي منظم ڪرڻ لاءِ رضا رباني جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو