اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف داخل درخواستن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو. رجسٽرار آفيس طرفان جاري ڪيل روسٽرم موجب پي ايف يو جي ۽ اينڪرز ايسوسيئيشن جي درخواستن تي ٻڌڻي لاءِ بينچ جوڙي وئي آهي، جيڪا سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي. جسٽس راجا انعام امين منهاس سڀاڻي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪندو. رجسٽرار آفيس سڀاڻي جي ٻڌڻي جي ڪازلسٽ جاري ڪري ڇڏي، درخواستون وڪيل عمران شفيق ۽ رياست علي آزاد ذريعي داخل ڪيون ويون آهن.










