پيپلز پارٽي، نوازليگ ۽ مستقبل جي سياست !

رحمت الله ٻرڙو
نواز ليگ جي قائد ميان نوازشريف جي وطن واپسي کانپوء واري ظاهري سياسي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي سياسي دٻاء جوشڪار نظراچي رهي آھي.ميان نوازشريف وطن واپسي تي مينار پاڪستان تي پنهنجي استقبالي جلسي کي خطاب ڪندي جيڪي ڳالهيون ڪيون آھن اهي پنهنجي جاء تي پر ان جي هيڏي وڏي استقبالي جلسي پيپلز پارٽي ۽ پي ٽي آء قيادت کي سياسي طور سياسي نفسياتي دٻاء هيٺ آڻي ڇڏيو آھي۔ نوازشريف ملڪ جي سينيئر سياستدانن منجهان هڪ تجربيڪار سياسي اڳواڻ آھي جيڪو سياست جي مخالف ڌر ۽ اقتداري ڌر طور سڀني راز و رمز کي چڱيء طرح ڄاڻي ٿو.سندس جي وطن واپسي جيڪا سندس ڀاء جي حڪومت ۾ نه پئي ٿي سگهي سا نگران حڪومت ۾ ٿي آھي ۽ هڪ وڏي سياسي طمطراق سان وطن واپسي جنهن کي آزاد حلقا ۽ سندس سياسي حلقا ڪنهن ڳجھ کان خالي نٿا سمجهن سندن خيال موجب ن ليگ نه پر سرڪاري پروٽوڪال ۾ وطن واپسي ڪنهن طئي شده ڳالهين جو نتيجو لڳي رهي آھي.ميان نوازشريف پنهنجي استقبالي جلسي کي خطاب ڪندي چيو آھي ته هاڻي ڪنهن کي به ملڪ سان کيڏڻ نه ڏينداسين،سياسي طور ڪنهن کان انتقام نه وٺندس،سياسي پارٽيون گڏجي ڪم ڪن!!هن ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاء 9 نقاطي ايجنڊا ڏنيآھي جنهن ۾ مهانگائي ،بيروزگاري جي خاتمي سميت سرڪاري اجاين خرچن تي ضابطي لاء ڪجه تجويزون به ڏنيون آھن.هوڏانهن ميان نوازشريف کي اڳوڻي وزيراعظم ۽ ق ليگ صدر چوڌري شجاعت حسين به تجويز ڏني آھي ته هن وقت ملڪ کي ايڪي ۽ سياسي مفاهمت جي تمام سخت ضرورت پڻ آھي،جڏهن ته قوم کي ميان نوازشريف مان وڏيون اميدون آھن ته هو ملڪي معيشت جي بهتريء ۽ بيروزگاريء جي خاتمي لاء اهم ڪردار ادا ڪندو.جميعت العلماء السلام ف به ميان نوازشريف جي وطن واپسيڏکي ملڪي معيشت ۽ سياسي بحران سميت مڙني مسئلن جي حل جي اميد قرار ڏيندي ڀليڪار ڪيو آھي.جڏهن ته انهن مٿين بيانن جي مقابلي ۾ پ پ پ ترجمان چيو آھي ته نئون لاڏلو اچي ويو آھي هن ڀيري سليڪشن نه ٿيندي واري ڳالھ ڪري ميان جي واپسي کي شڪ سان ۽ ڪنهن ڊيل سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.پي ٽي آء ميان نوازشريف جي واپسي کي قومي مجرم جي واپسي قرار ڏيندي چيو آھي ته قوم حساب وٺندي.مٿين سڀني ڳالهين مان صاف نظر اچي رهيو آھي ته پيپلز پارٽي هن وقت نوازشريف ڏيھ واپسي کي پ پ پ سياست لاء نفسياتي سياسي وار سمجهڻ لڳي آھي ۽ ان بنياد تي پ پ پ ۽ پي ٽي آء قيادتون سياسي طور مستقبل قريب ۾ پنهنجي پنهنجي لاء خطرو محسوس ڪري رهيون آھن جڏهن ته پاڻ مرادو علاج واسطي پرڏيھ ويل ميان نوازشريف انتقامي سياست کي رد ڪندي گڏجي سياست جو اشارو ڏئي رهيو آھي ته ملڪي حالتون اسان کي سياسي انتشار کان روڪين ٿيون۽ اسان کي سياسي استحڪام قائم رکڻ لاء گڏجي ڪردار ادا ڪرڻ کپي واري ڳالھ ڪري ميان نوازشريف ظاهري طور پنهنجي سياسي مستقبل جو پلان سامهون رکيو آھي. جيڪو قبولڻ جوڳو ته آھي پر اڳتي هلي ڏسون ته ظاهري طور ملڪ جون 2 وڏيون سياسي پارٽيون پ پ پ پ ۽ پي ٽي آء جيڪي ظاهري طور شق جي طور ميان صاحب جي واپسي ڏسي رهيون آھن ۽ قائد اعظم ليگ توڻي جي يو آء ايف جون قيادتون ميان نوازشريف جي واپسي کي هڪ اميد سان ڏسي پنهنجي ڳالھ رکي رهيون آھن. ان سموري منظر نامي کي سياسي بنيادن تي پرکڻ جي ڳالھ ڪبي ته ملڪ جو مستقبل جو سياسي ۽ اقتداري سيناريو ڪجه هيٺ ريت نظر اچي رهيو آھي.مثال طور جي اليڪشن ويجهي ٿئي ٿي ته ميان جي واپسي ۽ سندس کي چوڌري شجاعت پاران مستقبل جي اميد قرار ڏيندي مفاهمت ۽ مستقبل ۾ ملڪي مسئلن جي حل جي اميد سمجهيو آھي ميان نوازشريف کي. اهڙي طرح مولانا فضل الرحمان به پارٽي سطح تي بيان ڏئي ميان نوازشريف کي مستقبل ۾ اقتدار ۾ ڏسي رهيو آھي ۽ ان بنياد تي مٿي ڄاڻايل ڳالهيون پڻ سامهون رکيون آھن.مٿين سڀني ڳالهين مان صاف نظر اچي رهيو آھي ته پيپلز پارٽي هن وقت نوازشريف ڏيھ واپسي کي پ پ پ سياست لاء نفسياتي سياسي وار سمجهڻ لڳي آھي ۽ ان بنياد تي پ پ پ ۽ پي ٽي آء قيادتون سياسي طور مستقبل قريب ۾ پنهنجي پنهنجي لاء خطرو محسوس ڪري رهيون آھن جڏهن ته پاڻ مرادو علاج واسطي پرڏيھ ويل ميان نوازشريف انتقامي سياست کي رد ڪندي گڏجي سياست جو اشارو ڏئي رهيو آھي ته ملڪي حالتون اسان کي سياسي انتشار کان روڪين ٿيون ۽ اسان کي سياسي استحڪام قائم رکڻ لاء گڏجي ڪردار ادا ڪرڻ کپي واري ڳالھ ڪري ميان نوازشريف ظاهري طور پنهنجي سياسي مستقبل جو پلان سامهون رکيو آھي. جيڪو قبولڻ جوڳو ته آھي پر اڳتي هلي ڏسون ته ظاهري طور ملڪ جون 2 وڏيون سياسي پارٽيون پ پ پ پ ۽ پي ٽي آء جيڪي ظاهري طور شق جي طور ميان صاحب جي واپسي ڏسي رهيون آھن ۽ قائد اعظم ليگ توڻي جي يو آء ايف جون قيادتون ميان نوازشريف جي واپسي کي هڪ اميد سان ڏسي پنهنجي ڳالھ رکي رهيون آھن. ان سموري منظر نامي کي سياسي بنيادن تي پرکڻ جي ڳالھ ڪبي ته ملڪ جو مستقبل جو سياسي ۽ اقتداري سيناريو ڪجه هيٺ ريت نظر اچي رهيو آھي. مثال طور جي اليڪشن ويجهي ٿئي ٿي ته ميان جي واپسي ۽ سندس کي چوڌري شجاعت پاران مستقبل جي اميد قرار ڏيندي مفاهمت ۽ مستقبل ۾ ملڪي مسئلن جي حل جي اميد سمجهيو آھي ميان نوازشريف کي. اهڙي طرح مولانا فضل الرحمان به پارٽي سطح تي بيان ڏئي ميان نوازشريف کي مستقبل ۾ اقتدار ۾ ڏسي رهيو آھي ۽ ان بنياد تي مٿي ڄاڻايل ڳالهيون پڻ سامهون رکيون آھن. ان رخ کان اها به ڳالھ سمجه ۾ اچي ٿي ته ميان نوازشريف مستقبل ۾ سنڌ ۾ اتحادي بنيادن تي حڪومت ٺاهي پ پ پ قيادت کي 2008 واري مرڪزي پ پ پ پ حڪومت فارمولي تحت ڪابينا ۾ شامل ڪري مرڪز ۾ پ پ پ پ مان آصف علي خان زرداري کي مستقبل ۾ صدر پاڪستان بڻائي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو