لاڙڪاڻو / دادو (ن س) ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ بعد چنگچي هلائيندڙ پورهيت روڊ تي نڪري آيا، پورهيتن ايس ايس پي چوڪ ۽ جناع باغ چوڪ تي چنگچيون بيهاري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي پورهيتن طرفان احتجاج دوران سخت نعريبازي پڻ ڪئي..ان موقعي تي پورهيتن جو چوڻ هو ته جن ملڪن وچ ۾ جنگ لڳي آهي اتي مهانگائي ناهي، ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف کان اربين ڊالر قرض کڻندڙ شهباز ۽ زرداري حڪومت پنهنجا شاهي خرچ گهٽائڻ بجاءِ عوام مٿان بار وجهي 55 روپيا پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي جو طوفان آهي، تازو پيٽروليم شين ۾ واڌ سان پورھيت طبقو ٻن ويلن جي ماني به کائي نه سگهندو. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته جلد کان جلد پيٽروليم شين ۾ گهٽتائي ڪري پورهيت طبقي کي رليف فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.وفاقي حڪومت پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اوچتو واڌ ڪرڻ بعد سڄي ملڪ وانگر ضلعي دادو ۾ به عوام ۾ سخت ڳڻتي جي لهر ڇانئجي وئي آهي۔ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ اضافي سبب ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وڌڻ جا امڪان پيدا ٿي ويا آهن، جڏهن ته روزمره جي استعمال وارين شين جي قيمتن ۾ به وڌيڪ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي۔ان موقعي تي شهرين امتياز ڏاوڇ ۽ زوهيب هنڱورو،اشرف شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڳ ئي مهانگائي سبب عام ماڻهو لاءِ زندگي گذارڻ انتهائي ڏکيو ٿي ويو هو، هاڻي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب عوام جون پريشانيون وڌيڪ وڌي ويون آهن۔هنن چيو ته خاص طور تي مزدور، پورهيت ۽ گهٽ آمدني وارا ماڻهو هن فيصلي سان سخت متاثر ٿيندا، ڇو ته ٽرانسپورٽ، کاڌي پيتي ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيڻ جا امڪان آهن۔شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڪيل واڌ تي نظرثاني ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي ته جيئن مهانگائي جي بار کان ڪجهه حد تائين ڇوٽڪارو ملي سگهي۔










