حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي.ناڻي واري وزير اسحاق ڊار پيٽروليم شين جي قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، نئين قيمت 267 رپيا في ليٽر ٿيندي.هن چيو ته ڊيزل جون قيمتون برقرار رهنديون، ان کان علاوه گاسليٽ جي قيمت ۾ 15 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي پئي وڃي ۽ گاسليٽ جي نئين قيمت 187 رپيا 73 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.پيٽروليم شين جا نوان اگهه اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو