پيار جا وير زال کسي ويا، موٽرائڻ لاءِ نوجوان جو احتجاج

ٽنڊوغلام حيدر(ميرحسن رند) ڳوٺ پيرمحبوب شاھ جي رھواسي عبدالعزيز ولد احمد لنجار ٽنڊوغلام حيدر عوامي پريس ڪلب پهچي صحافين کي ٻڌايو ته ڏيڍ مهينو اڳ بدين واسي شازيه سومرو سان چمبڙ ڪورٽ ۾ پيارجو پرڻو ڪيو ھو جنهن اسان کي گڏ رھڻ جي اجازت ڏني جنهن بعد ڇوڪري جا مائٽ بااثر ھجڻ سبب اسان جي پيار جا ويري بڻجي موتمار ڌمڪيون ڏئي منهنجي گهرواري کي اغوا ڪري ويا آهن خبر ناهي زنده به آهي يا قتل ڪيو ويو آهي منهنجي گهر واري جا مائٽ مون خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري مون کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا هن چيف جسٽس آف پاڪستان،آءِ جي سنڌ،ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کي اپيل ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي منهنجي زال شازيه سومرو کي بازياب ڪرائي ڪورٽ ۾ پيش ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو