پومپيو جي شراب جي بوتل ڪير کڻي ويو؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو کي تحفي ۾ مليل شراب جي بوتل غائب ٿي وئي، جنهن جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽ موجب جاپان پاران ساڍا 9 لک روپين جي ماليت جي شراب جي بوتل کيس دوري دوران تحفي ۾ ملي جيڪا اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ مان غائب ٿي وئي. مائيڪ پومپيو جو چوڻ آهي ته کيس ياد ناهي اها 2019 جي ڳالهه آهي. ياد رهي ته سعودي عرب ويندي جاپان کيس 5 هزار 800 ڊالر ماليت واري شراب جي بوتل کيس گفٽ ڏني هئي. آمريڪي قانون موجب 390 ڊالر جي ماليت تائين ملندڙ گفٽ بنا معاوضي رکي سگهجي ٿي پر ان کان وڌيڪ ماليت جي گفٽ رکڻ لاءَ قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو