پوليس گردي، اهلڪار مسجد مان نوجوان کي کنڀي ويا

گڏاپ رپورٽر(نورخان ڳوٺ ۾ جمعي نماز جي خطبي دوران نئين ڪراچي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي سول ڊريس پاتل اهلڪارن جامع مسجد حنيفه ۾ داخل ٿي چوٿين صف ۾  ويٺل نوجوان کي ڳڄي کان پڪڙي مسجد کان ٻاهر ڪڍي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي. نوجوان پاران پڇا ڪرڻ گناھ بنجي ويو ته مونکي ڇو پيا گرفتار ڪريو ته اهلڪارگارگند ڪندي نوجوان کي چون پيا ته تون تاجو آھين ۽ هو رڙيون ڪري چوندو رهيو ته منهنجو نالو فيصل ابڙو آھي مون وٽ اين آءِ سي به موجود آھي پر اهلڪارن کيس زبردستي موبائل ۾ ويهارڻ لڳا ته نوجوان پاران مزاحمت تي فائرنگ ڪري نوجوان تي گوليون هلائي کيس زخمي ڪري زوري کڻي ويا. سندس وارثن عباسي شھيد اسپتال سميت ڪراچي جي سڀني اسپتالن ۾ جانچ ڪئي پر ڪٿي به زخمي نوجوان جي خبر نه پئي ان بعد زخمي جي وارثن ۽ رهواسين پاران گڏاپ پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نوجوان فيصل ابڙو شادي بعد نورخان ڳوٺ ۾ رهندڙ پنهنجي ڀاء سان ملڻ  لاءِ آيو هو. اسان کي خدشوآھي ته زخمي کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماري ڇڏيندا هنن وزيراعلي سنڌ ,آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيارن کان مطالبو ڪيو ته انڊسٽريل ايريا نئين ڪراچي ٿاڻي جي پوليس خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. اطلاع ملڻ بعد حد جي ٿاڻي  سهراب ڳوٺ جي ايس ايڇ او پهچي ڀرپاسي جي رهواسين مسجد امام کان به تفصيل ورتا ان جو چوڻ ھو ته اهڙي ڪاروائي جي حد جي ٿاڻي تي اطلاع بنا ڪئي وئي آهي ۽ اها قانون جي خلاف ورزي آهي. علائقي ۾ اهي به چوٻول هلي رهيا هئا ته زخمي نوجوان فوت ٿي ويو آھي ان ڪري ان جي لاش کي لڪايو ويوآھي هنن چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ ,وزيراعلي سنڌ ,آء جي سنڌ ۽ ٻين اختيارن کان مطالبو ڪيو ته هو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو