پوليس صنعان قريشي کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو

ملير(رپورٽر) ملير پوليس جسقم چيئرمين صنعان قريشي کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، سنڌي وسندين تي قبضي خلاف بحريه ٽائون اڳيان ڌرڻي کانپوءِ کنڀجي ويل جسقم چيئرمين صنعان قريشي کي ملير پوليس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، ملير جي گلشن حديد مان کنڀجي وڃڻ جي ٻن ڏينهن بعد ملير ڪينٽ ٿاڻي تي صنعان قريشي جي اڄ گرفتاري ظاهر ڪئي وئي، جنهن بعد کيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته جسقم چيئرمين صنعان قريشي سان سندس وڪيلن جي ملاقات به ڪرائي وئي آهي، واضح رهي ته ملير جي سنڌي وسندين تي قبضي خلاف بحريه ٽائون اڳيان ڌرڻي ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ٻي قيادت سان گڏ جسقم چيئرمين صنعان قريشي به شريڪ هو.

پهنجو تبصرو موڪليو