اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد پوليس جي عورت ايس پي آمنه بيگ ڪراچي جي اسسٽنٽ ڪمشنر هاظم بنگوار مان متاثر ٿي کانئس اسڪن ڪيئر روٽين پڇي ورتي. عورت پوليس آفيسر ٽوئيٽر تي اسسٽنٽ ڪمشنر هاظم بنگوار کي چيو ته پنهنجي جلد جي سار سنڀال جو طريقو ٻڌايو. آمنه بيگ جي سوال تي هاظم بنگوار به جواب ڏيڻ بنا نه رهيو ۽ ٽوئيٽر تي ئي دلچسپ جواب ڏيندي لکيو ته اهو واحد راز آهي، جيڪو مون وٽ آهي. آمنه بيگ جي ٽوئيٽ تي سوشل ميڊيا واهپيدار به دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن، مونا خان نالي واهپيدار چيو ته واقعي مان به اهو ڄاڻڻ چاهيان ٿي.واضح رهي ته هاظم بنگوار پنهنجي اسٽائل، فيشن ۽ گلوڪاري سبب سوشل ميڊيا تي گهڻو مقبول آهي.
