ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊرگ ڊيلر ڪوئين “انمول عرف پنڪي” سان رابطا رکڻ جي الزام ۾ سي ٽي ڊي پنهنجي 2 اهلڪارن کي نوڪريءَ مان برطرف ڪري ڇڏيو آهي.سي ٽي ڊي ذريعن موجب، برطرف ٿيل اهلڪارن ۾ ڪانسٽيبل علي قريشي ۽ اي ايس آءِ کفيل شامل آهن، جن ٻنهي تي گذريل سالن دوران پنڪي سان رابطي ۾ رهڻ جو الزام هو. ڪفيل اعوان ڪجهه سال اڳ پنڪي جي هڪ بائيڪ رائيڊر (موٽرسائيڪل سوار ڪارندي) کي گرفتار ڪيو هو، جنهن کانپوءِ پنڪي سان رابطا وڌايا ويا هئا. ٻنهي اهلڪارن جي خلاف انڪوائري رپورٽ مڪمل ٿي چڪي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ علي قريشي ۽ ڪفيل کي حراست ۾ به ورتو ويو هو ۽ ٻنهي جا باضابطا بيان پڻ قلمبند ڪيا ويا هئا. سي ٽي ڊي اختيارين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪفيل اعوان ۽ علي قريشي جي موبائيل فونن جو فارنزڪ پڻ ڪرايو ويو هو، جڏهن ته ٻنهي اهلڪارن جي بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل پڻ حاصل ڪيا ويا هئا.










