پنج ٻارن جي ماءُ ٽن ٻارن جي پيءُ سان پسند جو پرڻو

ڪنري: (ن س) ڪنري ويجھو ڳوٺ سپڙ دل جي رھواسڻ پنجن ٻارن جي ماءُ جمنا ڪولھي ڳوٺ امير سلطان چانڊيو واسي ٽن ٻارن جي پيءُ رامچند ڪولھي سان مذھب موجب پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو.جوڙي عمرڪوٽ جي ڪورٽ ۾ شادي ڪرڻ بعد تحفظ لاءِ نيشنل پريس ڪلب ڪنري پھچي تنگ ڪندڙن خلاف احتجاج ڪيو.جڏهن ته جمنا ڪولھي جو چوڻ هو ته اڳوڻو مڙس راڻو ڪولھي تشدد ڪندو ھو، رامچند سان فون تي رابطو ٿيڻ بعد محبت ٿي ۽ اڳوڻي مڙس کي طلاق ڏئي پنھنجي رضا خوشي سان عدالت ۾ رامچند سان پرڻو ڪيو آھي، ڪنھن به اغوا ناهي ڪيو، پھرين پنج ئي ٻار اڳوڻي مڙس وٽ آھن. پريمي رامچند ڪولھي جو چوڻ هو ته جمنا سان محبت بعد پھرين زال کي طلاق ڏئي جمنا سان شادي ڪئي آھي جنھن تان جمنا جا وارث راڻو، سورج، لالو، راجو، تارو ۽ ڌنجي وارا دشمن بڻجي ويا آھن ۽ زندگين کي خطرو آھي. هنن ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ ٻيا نوٽيس وٺي تحفظ فراھم ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو