پنج ارب ڊالر جي سيڙپڪاري، سعودي وفد اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)سعودي عرب جي پرڏيهي وزير پرنس فيصل بن فرحان السعود جي اڳواڻي ۾ سعودي وفد ٻن ڏينهن جي دوري تي سومر ڏينهن پاڪستان پهتو. راولپنڊي جي نور خان ايئربيس تي وفد جو ريڊ ڪارپيٽ استقبال پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڪيو. وفد ۾ سعودي عرب جو پاڻي ۽ زراعت وارو وزير عبدالرحمان عبدالمحسن الفادلي، صنعت ۽ معدني وسيلن وارو وزير بندر ابراهيم الخوريف، سيڙپڪاري وارو نائب وزير بدر البدر، سعودي اسپيشل ڪميٽي جو سربراهه محمد مازيد الطويجري ۽ سينيئر وزير پڻ شامل آهن. توانائي واري وزارت ۽ سعودي فنڊ فار جنرل انويسٽمينٽ جا آفيسر به شامل آهن. هن دوري ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان وچ ۾ مڪي ۾ ٿيل تازي ملاقات دوران ٻطرفي اقتصادي تعاون کي هٿي وٺرائڻ ۽ انهن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ عملي قدم تيز ڪرڻ جو امڪان آهي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان لاءِ 5 ارب ڊالرن جي سعودي سيڙپڪاري پيڪيج جي پهرين مرحلي کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو. سعودي ٽيم جي صدر، وزيراعظم، پرڏيهي وزير، هم منصب وزيرن، آرمي چيف ۽ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC) سان ملاقاتون ڪرڻ جو امڪان آهي. سرڪاري طور جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته دوري جو وقت انتهائي اهم آهي ۽ سعودي ٽيم جي آمد خود ٻنهي ملڪن جي قيادت وچ ۾ ذهني هم آهنگي، ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ باهمي اعتماد ۽ تعاون جو مظهر آهي.“ بيان ۾ چيو ويو آهي ته برآمد جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو، گڏيل منصوبا شروع ڪيا ويندا، نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ SIFC جي مقصدن جي حاصلات کي اڳتي وڌايو ويندو، ان سان گڏ معيشت ۾ وڌيڪ رفتار ۽ اعتماد ۾ اضافو ٿيندو. پاڪستان جيڪو گذريل ڪجهه سالن ۾ سفارتي اڪيلائي جو شڪار ٿي چڪو آهي، ان جو خاتمو ايندو.

پهنجو تبصرو موڪليو