پنجاب ۾ 8 مئي کان مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت 8 مئي کان صوبي ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو آهي. لاڪ ڊائون جو فيصلو صوبائي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. صوبي ۾ اچ وڃ کي محدود ڪرڻ جي لاءِ لاڪ ڊائون دوران هر قسم جي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ سياحتي ماڳ بند رهندا. شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي چيڪ پوائنٽس قائم ڪيون وينديون، انهن چيڪ پوسٽن تي پوليس، رينجرز ۽ فوج مقرر ڪئي ويندي. پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته ڪورونا وبا تي قابو پائڻ لاءِ ايندڙ 15 کان 20 ڏينهن تمام اهم آهن. هن عوام کي اپيل ڪئي ته ڪورونا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن جي حمايت ڪن ۽ عيد کي سادگي سان ملهائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو