پنجاب ۾ تعليمي ادارن کي عارضي طور تي بند ڪرڻ جو فيصلو

پنجاب ۾ تعليمي ادارن کي عارضي طور تي بند ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت سمورن طبي تعليمي ادارن کي عارضي طور تي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنجاب جي سرڪاري ۽ خانگي ميڊيڪل يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ نرسنگ ڪاليج 10 مارچ کان 31 مارچ تائين بند رهندا، اسپيشلائيزڊ هيلٿ ڪيئر اينڊ ميڊيڪل ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. پهرين ۽ ٻئي سال جي ايم بي بي ايس ڪلاس ۽ تعليمي سرگرميون آن لائن هونديون، ٽئين، چوٿين ۽ آخري سال جي ايم بي بي ايس ڪلاس ۽ ڪلينڪل اٽيچمينٽ معمول مطابق جاري رهندا، سڀئي طبي امتحان اڳ ۾ جاري ڪيل شيڊول مطابق منعقد ڪيا ويندا. نرسنگ ۽ الائيڊ هيلٿ جي شاگردن کي الحاق ٿيل اسپتالن ۾ ڊيوٽي سرانجام ڏيڻي پوندي، سڀئي ٽيچنگ فيڪلٽي پڻ لاڳاپيل اسپتالن ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏينديون، ۽ ادارن جي سربراهن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي حڪومتي هدايتن تي سختي سان عمل درآمد کي يقيني بڻائين.

پهنجو تبصرو موڪليو