پنجاب حڪومت جاتي امرا مان سيڪورٽي هٽائي ڇڏي

لاهور(ڊيسڪ نيوز) ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ ميان نواز شريف جي رهائش گاهه جاتي امرا ۾ رکيل پوليس ڪيبنز واپس ڪندي هر قسم جي سرڪاري سيڪورٽي هٽائي وئي آهي. پنجاب حڪومت گذريل سال تڏهوڪي چيف جسٽس ثاقب نثار جي حڪم تي ان وقت مقرر سوين پوليس اهلڪارن کي هٽايو ويو هو، پوليس جا مورچا ۽ چيڪ پسٽون ختم ڪيون ويون هيون. جيو نيوز موجب سومر تي رهيل سهيل سيڪورٽي به واپس ڪندي پوليس اهلڪارن جي ڇانو لاءِ رکيل ڪيبنز به واپس گهرايون ويون آهن. هن وقت نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم جيل ۾ آهن، سندس ٻئي پٽ ملڪ کان ٻاهر آهن، گهرواري فوت ٿي وئي اٿس رڳو پوڙهي والده ۽ ملازم گهر ۾ موجود آهن. جڏهن ته شريف ريزيڊنشل ڪمپليڪس ۾ شهباز شريف محدود فيملي سان رهي ٿو. حمزه شهباز ۽ يوسف عباس شريف به جيل ۾ آهن، شهباز شريف جو ننڍو پٽ سلمان به پرڏيهه ۾ آهي.  ياد رهي ته وفاقي وزير مراد سعيد هن سال جولاءِ ۾ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو هو ته شريف خاندان جي حفاظت ۽ پروٽوڪول لاءِ 2717 پوليس اهلڪار تعينات هئا، شهباز شريف 8 ارب 72 ڪروڙ 69 لک روپيا سيڪورٽي تي خرچ ڪيو هو، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري 3 ارب 16 ڪروڙ سيڪورٽي تي خرچ ڪيا، 656 پوليس اهلڪار ۽ 246 گاڏيون هن جي پروٽوڪول ۾ هيون، نواز شريف 2015 ۾ آمريڪي دوري تي 4 لک 60 هزارڊالر خرچ ڪيا، عمران خان امريڪي دوري تي رڳو 60 هزارڊالرخرچ ڪيا، نواز شريف سيڪورٽي تي 4 ار 30 ڪروڙ خرچ ڪيا ۽ عمران خان بني گالا جي گهر جي چئني پاسن کان ڪنڊيدار تارکيسي مان خرچ ڪري لڳائي. مراد سعيد چيو هو ته شهباز شريف جي ڀيٽ ۾ عثمان بوزدار جو سيڪورٽي خرچ 86 سيڪڙو گهٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو