لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ لاهور سميت پنجاب جي 11 ضلعن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ڪارڪنن جي نظربندي کي ڪالعدم قرار ڏيندي 9 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.لکت واري فيصلي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ ٻين جي نظربندي واري حڪم کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت لاهور، وزيرآباد، جھنگ، شيخوپوره، حافظ آباد، سيالڪوٽ، منڊي بهاءُ الدين، گجرات، ننڪانه صاحب، گوجرانوالا ۽ نارووال ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي نظربندي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 9 مئي تي سياسي اڳواڻ جي گرفتاري تي سڄي ملڪ ۾ افسوسناڪ رد عمل پيدا ٿيو، حڪومت 9 مئي واري واقعي جي باري ۾ سوچڻ کانسواءِ بيشمار نظربندي جا آرڊر جاري ڪيا.جسٽس صفدر سليم شاهد فيصلي ۾ لکيو ته 9 مئي واري واقعي ملڪ جي مسخ ٿيل تصوير پيش ڪئي، امن امان برقرار رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي.جسٽس صفدر سليم شاهه چيو آهي ته حڪومت وٽ ثبوت هجن ها ته فوجداري ڪيسن ۾ گرفتارين لاءِ ڪافي وقت هجي ها.عدالت چيو ته شهرين کي بنا ڪيس جي کڻي جيلن ۾ وجهڻ افسوسناڪ آهي، ڊپٽي ڪمشنر (ڊي سي) جي هر نوٽيفڪيشن ۾ ڊي پي او جي رپورٽ تي شهرين کي جيلن ۾ وڌو ويو.لاهور هاءِ ڪورٽ لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته ڊپٽي ڪمشنرن کي نظربند ڪرڻ جو فيصلو پاڻ پبلڪ مينٽيننس آرڊيننس 1960 جي سيڪشن 3 جي ڀڃڪڙي آهي، سمورن حراست ۾ ورتل ماڻهن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.
