پنجاب جي ميداني علائقن ۾ وري ڪوهيڙي جو راج

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي ميداني علائقن ۾ وري ڪوهيڙو پکڙجي ويو آهي، جنهن سبب ٽريفڪ جو نظام سخت متاثر آهي.ڪوهيڙي سبب لاهور-سيالڪوٽ موٽر وي بند آهي، لاهور کان فاروق آباد تائين ايم-2 موٽر وي، ايم 4، شوڪت انٽرچينج کان گجرا ۽ ملتان-سکر موٽر وي به معطل آهن.اڄ گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ ان سان لاڳاپيل جابلو علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي.ملڪ جا اڪثر علائقا سخت ٿڌ جي لپيٽ ۾ آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪالام ملڪ جو ٿڌو ترين علائقو رهيو جنهن ۾ گرمي پد مائنس 9 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.ٻئي طرف ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ سردي واپس اچي وئي آهي، ڪراچي ۽ لاهور جي هوا اڃا به آلوده آهي، جڏهن ته هوا جو معيار نسبتاً بهتر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو