پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي علي محمد خان رها

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي محمد خان کي آزاد ڪيو ويو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊپٽي ڪمشنر مردان کي طلب ڪري ورتو.جسٽس اعجاز انور رمارڪس ڏيندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر کي عبرت جو نشانو بڻايو وڃي ته پوءِ ڪو به غير قانوني ڪم نه ڪندو، علي محمد خان ٻن مهينن کان جيل ۾ آهي، هن امن امان جي صورتحال ڪيئن خراب ڪئي. پشاور هاءِ ڪورٽ عدالت ۾ پيش ٿيندڙ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مردان کان پڇاڻو ڪيو ته توهان جو پنهنجو خيال ناهي، ڪو توهان کي ٻڌائي ته توهان ڪيس داخل ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو