پشاور سميت پختون خواهه جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبر پختوان خواهه جي شهر پشاور سميت ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ وچئين درجي جي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن جنهن سبب ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ خوف و حراس واري لهر ڇائنجي وئي آهي. زلزلي جي شدت 5.2 ۽ زمين ۾ ان جي گهرائي 180 ميٽر هئي جڏهن ته زلزلي جو مرڪز هندوڪش جو پهاڙي سلسلو هيو. زلزلي جا جهٽڪا مانسهره، تورغر، بٽگرام، مالاڪنڊ ۽ چترال ۾ به محسوس ڪيا ويا. واضح رهي ته گذريل مهيني آزاد ڪشمير سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا هئا جن ۾ 50 جي لڳ ڀڳ ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو