اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو اهي ته ڀارت پاران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي بيان کي تشدد جي خطري سان ڳنڍڻ شرارت ۽ غير ذميواراڻو عمل آهي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي ڀارت کي والاريل ڪشمير ۾ جي-20 اجلاس سڏائڻ تي مبينه ڌمڪي جي وڊيو تي تبصرو ڪندي چيو ته پرڏيهي وزارت والاريل ڪشمير جي-20 ٽوئرزم ورڪنگ گروپ اجلاس تي پاڪستاني موقف واضح ڪري چڪي آهي هن چيو ته ڀارت جي دوري ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪيترن ئي موقعن تي يو اين قراردادن مطابق ڪشمير مسئلي جي حل تي زور ڏنو. بلاول ڀٽو جي خيالن کي تشدد جي خطري سان جوڙڻ غير ذميواراڻو آهي هي تڪرارن کي عالمي ٺهرائن مطابق ڳالهه ٻولهه سان حل جي موقف تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي پرڏيهي آفيس چيو ته رياستن وچ ۾ حساس معاملن تي رپورٽنگ ڪرڻ وقت صحافتي اصولن جو احترام ڪرڻ گهرجي.










